برلن -08 جولاءِ (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طي?? اردگان شام سان لاڳاپن جي بحالي طرف هڪ ڀيرو ٻيهر قدم وڌائين??ي اهڙو اشارو ڏيندي چيو آهي، ته هو ڪنهن به وقت پنهنجي شام جي هم منصب بشار ا??اسد کي ترڪيه ??ي دوري ??ي دعوت ڏئي سگهي ٿو. العربيه اردو مطابق اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن جرمني جي گادي واري هنڌ برلن مان هوائي سفر دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي. ترڪيه جي صدر يورو 2024ع لاءِ برلن ويل هو. هن چيو ته اسان ڪنهن به وقت شام جي صدر کي دوري ??ي دعوت ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته کيس روس جي صدر پيوٽن سميت ڪيترن ئي ٻين عالمي اڳواڻن مشورو ڏنو آهي، ته مان شام جي صدر بشار ا??اسد سان گڏ ترڪيه ۾ ملاقات ڪيان. هاڻي اسان ان مرحلي جي ويجهو پهچي ويا آ??يو?? ته کيس دعوت ڏيون ۽ ان جذبي جو اظهار ڪيون، جنهن جو اظهار شام جي صدر ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام