بيجنگ -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي 76هين يوم آزادي جي موقعي تي 14 آگسٽ تي بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ جهنڊي ڦڙڪائڻ واري پروقار تقريب منعقد ٿي. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي. جنهن کان پوءِ پاڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. چين جي ميڊيا مطابق صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستانن جي بانين ۽ پاڪستان تحريڪ جي ڪارڪنن جي قرباني?? تي خراج عقيدت پيش ڪندي اهل وطن کي چيو ته هو معاشري جي پٺتي پيل طبقن جي ڀلائي ۽ سڌاري لاءِ ڪم ڪن، جمهوريت، آزادي، برابري جي پاسداري ڪن. پنهنجي پيغام ۾ محمد شهباز شريف قائداعظم کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ قوم جي تعمير ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي جدوجهد کي ساراهيو. چين ۾ مقرر سفير معين الحق پاڪستان جي 76هين يوم آزادي تي اهل وطن کي مبارڪون ڏنيون. هن چ??و ته اسان جي ابن ڏاڏن ۽ اڳواڻن ننڍي کنڊ ۾ هڪ آزاد ۽ خودمختيار مسلم رياست جو نه رڳو تصور پيش ڪيو پر محنت ۽ جدوجهد سان ان جو قيام به ڪيو. هن چ??و ته اسان اهم ڏينه?? تي اسا?? سڀني کي عزم ڪرڻ گهرجي ته اسان ملي وڌيڪ خوشحال ۽ متحد پاڪستان جي تعمير لاءِ پرعزم رهون. هن چ??و ته هي سال پاڪ چين لاڳاپن جي حوالي سان نهايت اهم سال آهي. اسان پاڪ چيڪ اقتصادي راهداري جي 10هين سالگره به ملهائي رهيا آهيون ان سان گڏوگڏ هي سال چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سياحتي مٽاسٽا جو سال به آهي. تقريب ۾ قومي تراني جي ڌ?? تي پاڪستان جو جه??ڊو ڦڙڪايو ويو، تقريب ۾ پاڪستاني برادري جي وڏي انگ، چيني دوستن، ميڊيا ۽ دوست ملڪن جي سفارتخانن جي عملدارن به شرڪت ڪئي.
پاڪ چين لاڳاپن جي حوالي سان نهايت اهم سال آهي، هرگذرندڙ ڏينهن سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ۽ توانا ٿيندا: پاڪستاني سفير معين الحق
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ