اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڪشمير جي حوالي سان اسان جي پاليسي واضح آهي، اسان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ??ال??ي ۽ ٻه طرفي هر فورم تي جاري رکنداس??ن، ڀارت لائين آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ پيدا ڪري والاريل ڪشمير ۾ جاري مقامي تحريڪن تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو، اسان سلامتي ڪائونسل جي پنج مستقل ميمبرن کي ايل او سي تي سول آبادي کي نشانو بڻائڻ جي ڀارتي ذهنيت جي حوالي سان خط ل??يا آهن، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڀ??رت طرفان لائين آف ڪنٽرول تي جارحيت سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي بحث سهڙيندي سرتاج عزيز چيو ته اهڙن موضوعن تي اسان کي پوائنٽ اسڪورنگ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II