گڏيل قومون-19 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن سوڊان ۽ چاڊ وچ ۾ آدري سر??د گيٽ کي 3 مهينن لاءِ کولڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي، ته جيئن ملڪ ۾ جنگ متاثر ماڻهن لاءِ انساني امداد جي فراهمي جي اجا??ت ڏئي سگهجي. پرڏيهي خابرو اداري مُوجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ ل??ت واري بيان ۾ چيو آهي ته انتونيو گوتريش سوڊان جي اختيارين جي ان فيصلي جي آجيان ڪندي انساني امداد تائين رسائي کي يقيني بڻائڻ ۽ شهرين جي حفاظت لاءِ ٺوس ۽ جٽادار قدمن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انساني امدادي تنظيمن کي دارفر ۽ سڄي ملڪ ۾ شهرين تائين محفوظ ۽ بنا رنڊڪ جي پهچڻ گهرجي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومون لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، ته جيئن سوڊان جي عوام جي اهنجن کي گهٽائي سگهجي ۽ تڪرار جي خاتمي ۾ مدد ملي سگهي. سوڊان جي حڪومت 25 جولاءِ تي اعلان ڪيو هو ته آدري سر??د گيٽ کي ان بنياد تي بند ڪيو ويو هو ته ان کي قوت الحرڪ هٿيارن فراهم ڪرڻ لاء?? استعمال ڪيو هو. 15 آگسٽ تي سوڊان چاڊ سان آدري سر??د گيٽ کي 3 مهينن لاءِ کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ملڪ ۾ جنگ کان متاثر ماڻهن تائين امداد پهچائڻ جي اجا??ت ڏئي سگهجي.
گڏيل قومن پاران سوڊان ۽ چاڊ وچ ۾ سرحد کولڻ جي فيصلي جي آجيان
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری