گڏيل قومون -12 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته رمضان المبارڪ دوران ??زه ۾ جنگ بندي کي فوري طور لاڳو ڪيو وڃي. هن رمضان المبارڪ ??ي شروعات تي چيو ته جڏهن رمضان المبارڪ شروع ??ي چڪو آهي، ان باوجود ??زه ۾ قتل و غارت، بمباري ۽ رتوڇاڻ جاري آهي. هن اپيل ڪئي ته ??زه ۾ جنگ بندي ڪري رمضان المبارڪ جو احترام ڪيو وڃي ۽ حياتيون بچائيندڙ امداد جي تيز رفتاري ۽ وڏي پيماني تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀئي رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن ۽ سڀني يرغمالين کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. گڏيل قومن جي سربراهه چيو ته ??زه ۾ جاري تباه ڪن اسرائيلي جنگ ڇهين مهيني ۾ داخل ٿي چڪي آهي. گڏيل قومن جي سربراهه خبردار ڪيو ته رفح تي اسرائيلي حملا ??زه جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جي ڏکيائين ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته هي دنيا ۽ تاريخ ڏسي رهي آهي. اسان ان تي پنهنجون اکيون بند نه ٿا ڪري سگ??ون. اسان کي ??زه ۾ فوتگين ۾ اضافي کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. فلسطيني شهرين لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي.
رمضان المبارڪ دوران غزه ۾ جنگ بندي ڪئي وڃي: گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اپيل
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی