رياض-26 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان مص?? جي صدر عبدالفتاح السيسي سان گذريل ڏينهن ٽيليفون تي رابطو ڪيو. سعودي خابرو ايجنسيءَ مطابق شهزاده محمد بن سلمان ٽيون ڀيرو صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابيءَ تي صدر عبدالفتاح السيسي کي مبارڪون ڏنيون. سعودي ولي عهد ٽيليفونڪ رابطي ۾ مص?? جي صدر ۽ پنهنجي برادر عوام لاءِ ترقي ۽ خوشحالي ۽ خواهش جو اظهار ڪيو. صدر عبدالفتاح السيسي مخلصاڻن جذبن جي اظهار تي سعودي ولي عهد جا ٿورا مڃيا. ياد رهي ته عبدالفتاح السيسي 18 ڊسمبر تي ٿيل صدارتي اليڪشن ۾ 89.6 سيڪڙو ووٽ کڻي وڌيڪ 6 سالن لاءِ ملڪ جو ٽيون ڀيرو صدر چونڊجي ويو آهي. مص?? جي نيشنل اليڪشن اٿارٽي ٻُڌايو آهي ته 67.3 م??ين کان وڌيڪ رجسٽرڊ ووٽرز مان 66.8 م??ين ووٽرز پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ