اسلام آباد/ دوشنبي-25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته افغانست??ن ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ تاجڪستان سميت پوري خطي لاءِ اقتصادي سهڪار وڌ??ئڻ ۽ رابطن کي هٿي وٺ??ئڻ جي حوالي سان برابر اهميت وارو آهي. اهڙو اظهار هن دوشنبي ۾ تاجڪستا?? جي صدر امام علي الرحمان سان ملاقات ۾ ڪيو. پرڏيهي آفيس مطابق شاه محمود قريشي تاجڪستا?? جي صدر کي وزيراعظم عمران خان طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ اونها تاريخي ڀائراڻا ناتا آه?? جيڪي برابر مذهبي، تهذيبي ۽ ث??افتي بنيادن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي اعليٰ قيادت انهن ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ سگهارو بڻ??ئڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير تاجڪستان سان گڏيل دلچسپي جي ڊگهي مدي وارن شعبن ۾ ٻه طرفي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻ??ئڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ تاجڪستا?? جي صدر کي افغانستا?? جي موجوده صورتحال جي حوالي سان پاڪستا?? جي نقطئه نظر کان آگاهه ڪيو. شاه محمود قريشي چيو ته افغانست??ن ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ تاجڪستان سميت سڄي خطي لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. شاه محمود قريشي گڏيل مقصدن کي ماڻڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. تاجڪستا?? جي صدر امام علي الرحمان چيو ته هو سيپٽمبر 2021ع تي دوشنبي ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خا?? جي شرڪت جو منتظر آهي.
افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ تاجڪستان سميت پوري خطي لاءِ برابر اهميت وارو آهي: شاه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب