اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ??عل??م سان گڏوگڏ اخلاقي قدرن ۽ تربيت تي ڌيان ڏئي مسلمان امت جي قائد طور تي اڀري سامهون اچي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علي ڳڙهه انوورسٽي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??عل??م سان گڏ تربيت جي فراهمي جي لاءِ هي قدم ساراهه جوڳو آهي، هن اداري جو قيام تاريخ جي بنياد تي عمل ۾ آندو پيو وڃي، قومن جي ترقي ۾ ??عل??م، تربيت ۽ قدرن جو اهم حصو هوندو آهي. هن چيو ته علم سان نسل درنسل معلومات جو خزانو منتقل ٿئي ٿو. هن چيو ته 16 هين کان 18 ه??ن صدي دوران ڀارت پيداواريت جي حوالي سان اهم خطو هو، اهو خطو علم ۽ فن جو گهوارو هو. ايسٽ انڊيا ڪمپني هندستان ۾ سيڙپڪاري ڪري ڦرلٽ جو بازار ??رم ڪيو، غدارن ان جو ساٿ ڏنو، 1857ع جي آزادي جي جنگ ۾ مسلمانن جو ق??لام ڪيو ويو، ان صورتحال جي ڏس ۾ سر سيد احمد خان چيو ته مسلمان جيڪڏهن علم کان پري رهندا ته اهي دنيا جي اندر پنهنجو مقام حاصل نه ڪري سگهندا، هن مسلمانن تي علم حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو، ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي سوچ ۾ تبديلي ۾ علي ڳڙهه يونيورسٽي جو وڏو حصو آهي.
پاڪستان مسلمان امت جي قائد طور تي اڀري سامهون اچي رهيو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز