اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ?? راندين جي فروغ لاءِ نئون اسپورٽس ميپ تربيت ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ضلعي سط?? تي ٽيلينٽ هنٽ ۽ مقابلا سازي جي لاءِ تنظيمي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ضروري آهي، قومي ۽ روايتي راندين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ ران??يگ??ن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. هو هتي ملڪ ?? راندين جي فروغ جي لاءِ قدمن جي حوالي سان جائزي ا??لاس جي صدارت ڪري رهيو هو. بين الصوبائي رابطن واري وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ سينئر آفيسر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب بين الصوبائي رابطن واري وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا وزيراعظم کي پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۾ وزيراعظم جي ملڪ ?? راندين جي فروغ، ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي ويزن جي روشني ۾ نئين سر تنظيم سازي جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته پاڪستاني ا??پورٽس بورڊ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي آهي ۽ پيشيوراڻي مينيجمينٽ ڪنسلٽنٽس جي سفارشن جي روشني ۾ نئون تنظيمي ڍانچو جوڙيو پيو وڃي، بين الصوبائي رابطن واري وزير اسپورٽس ڪمپليڪس اسلام آباد ۽ صوبا??ي گادي وارن شهرن ۾ ڪوچنگ سينٽرز ۾ راندين جي انفرااسٽرڪچر ۽ ٻين سهولتن جي بحالي، اداري جي ا??پيشل آڊٽ ۽ انتظامي معاملن ۾ گذريل ٻن سالن ۾ نمايان بهتري جي حوالي سان قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته غير ضروري خرچن ۾ نماين گهٽتائي، سفارشي ڪلچر جو خاتمو، ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي، انهن قدمن جي نتيجي ۾ پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي منافعي ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ مستحق ران??يگ??ن کي گرانٽس جي مد ۾ مالي مدد فراهم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪووڊ 19 جي مدد به شامل آهي
وزيراعظم پاران راندين جي فروغ لاءِ نئون اسپورٽس ميپ تربيت ڏيڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون