ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي و?? ۾ فوري طور تي جنگ جو خطرو نه آهي، خدشو آهي ته ڀارت پلواما طرز جو حملو ڪري پاڪست??ن کي ذميوار بڻائي سگهي ٿو، ڀارت سان سمورا تڪرار پرامن طريقي سان حل ڪرڻ چاهيون ٿا، ڪشمير تسليم ٿيل عالمي تڪرار آهي، ان تي گڏيل قومن جون 11 قراردادون موجود آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپا فروغ وٺي رهيا آهن، پاڪستان افغانستان جي صورتحال کان متاثر ٿيندو آهي، افغانستان ۾ امن ٿيندو ته وچ ايشيا تائين واپار ممڪن ٿيندو، آمري??ا سمجهي ٿو ته افغانستان جي مسئلي جو حل طاقت جي استعمال سان ممڪن آهي پر آخرڪار ??ن کي ڳالهيون ڪرڻيون پيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي ميڊيا ڪائونسل کي خطاب ڪ??دي ڪيو
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون