اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وفاقي ڪابينا 100 ڏينهن و??ري پلان تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهرن جي تعمير، فاٽا انضمام جي ع??ل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ، سي پيڪ منصوبي جي جائزي، وراثت ۾ عورتن جو حصو يقيني بڻائڻ جي لاءِ ديواني قانونن ۾ ترميم، نيب قانونن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي ايڪ?? ۾ ??رميم لاءِ ٽاسڪ فورس جي جوڙجڪ، اربين رپين جي مني لانڊرنگ ۾ مبينا طور تي ملوث نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي صدر سعيد احمد خان کي ع??دي تان هٽائڻ، خالق دادلڪ کي نيڪٽا جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري موسمياتي تبديلين و??ري مملڪتي وزير امين اسلم سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هي وفاقي ڪابينا جو ٽيون اجلاس هو.
وفاقي ڪابينا 100 ڏينهن واري پلان تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو آهي: فواد چوڌري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں