اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته مرڪز کانسواءِ پنجاب، ڪي پي ڪي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جون حڪومتون ٺهنديون جڏهن ته بلوچستان حڪومت ۾ پڻ شريڪ هونداسين، عوام جي تڪليفن ۽ مشڪلاتن جو خاتمو اسان جي اولين ترجيح هوندي، پاڪستان جي عوام کي سنهري دور شروع ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌايون ٿا، عوام جي ڀلائي لاءِ فوري طور انقلابي قدم کنيا ويندا، عوام جا وسيلا عوام تي ئي خرچ ٿيندا، معيشت سميت ملڪ کي درپيش چئلينجن کي موثر طور تي منهن ڏنو ويندو. هن اها ڳالهه صحافين سان ڳ??لهائيندي چئي. هن چيو ته مرڪز ۽ صوبن ۾ حڪومت سازي جي حوالي سان پارٽي قيادت جي مشا??رت جاري آهي، ڪراچي ۾ به 14 سيٽن سان ٻي سياسي پارٽي بڻجي اڀري آهي ۽ اها وڏي اهميت رکندڙ ڳالهه آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج