اسلام آباد – پهرين مئي (ا?? پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان جي پارلياماني وفد جي افغانستان جي دوري تي اطمينا?? جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن جي فرو?? جو خواهشمند آهي، افغان قيادت پاڪستان سان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدم?? جو يقين ڏياريو آهي، ٻئي ملڪ مثالي لاڳاپن جي خواهش رکن ٿا، افغان حڪومت ۽ عوام مزار شريف جي واقعي تي صدر جي مذمت?? پيغام کي ساراهيو آهي، افغانستان جو صدر اشرف غني ۽ پارليامينٽ ميمبر جلد پاڪستان جو دورو ڪندا. بينظير ڀٽو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي وطن واپس اچڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن دوري دوران پاڪستان جي سموري سياسي قيادت پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ بامقصد حصيداري جو پيغام ڏنو آهي ۽ و??ضح ڪيو آهي ته هي وقت آهي ته اسان گڏيل اعتماد جي ماحول ۾ اڳتي وڌون.
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا