رياض-05 جون(اي پي پي) سعودي عرب پاران فلسطيني عوام لاءِ امدادي سامان جو 52 هون جهاز مصر جي العريش انٽرنيشل ائير پو??ٽ تي پهچي ويو آهي، ميديا رپورٽن موجب انساني خدمت واري مرڪز شاه سلمان پاران دفاع واري وزارت جي سهڪار سان غزه جنگ متاثرن لاءِ موڪليل س??مان ۾ فوڊ باڪس موجود آهن جن کي زميني رستي غزه موڪليو ويندو، واضع رهي ته شاه سلمان مرڪز غزه پٽي جي متاثرن جي مدد لاءِ هوائي ۽ سامونڊي پل قائم ڪيا آهن، هن ??قت تائين 51 جهازن ذريعي امدادي سامان موڪليو ويو آهي جڏهن ته 6 سامونڊي جهاز پڻ موڪليا ويا آهن، سعودي عرب 20 ايمبولينسز پڻ غزه موڪليون آهن جڏهن ته غزه متاثرن جي مدد لاءِ ع??يات مهم پڻ هلائي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2