گڏيل قومون -10 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندي منير اڪرم طرفان ڄمون ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي جديد دور جي نو آبادياتي نظام جو بدترين مظهر ??را?? ڏيڻ تي پاڪستان ۽ ڀ??رت جي نمائندن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي. گذريل ڏينهن گڏيل قومن ۾ پاڪستاني نمائندي جي تبصرن تي رد عمل ظاهر ڪندي ڀ??رت جي نمائندي چيو ته گڏيل قومن خوداراديت واري حق جي اصول کي بقيه 17 نان سيلف گورننگ علا??قن جي ڊي ڪالونائيزيشن جي حوالي سان بيان ڪيو هو، نه ئي ڪنهن ميمبر ملڪ جي علائقائي سالميت کي مجروح ڪرڻ جو جواز پيش ڪيو آهي. ڄمون ڪشمير ۽ لداخ هميشه ڀ??رت جو اڻٽٽ حصو رهيا آهن ۽ رهندا. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن ۾ قونصلر نعيم صابر خان ان ڳالهه جو فوري جواب ڏيندي چيو ته نوآبادياتي ملڪن ۽ ماڻهن کي آزادي ڏيڻ جا اعلان نه صرف ڪجهه علا??قن جي ماڻهن جا نهن پر سڀني اهڙن ماڻهن جي خوداراديت واري حق هجڻ جي تصديق ڪري ٿو جن جي علا??قن تي زبردستي قبضو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڄمون ڪشمير کي گڏيل قومن جي نقشن تي هڪ تڪراري علائقو ??را?? ڏنو ويو آهي. هن چيو ته اڄ ڀ??رت ۾ 200 ملين کان وڌيڪ مسلمان، عيسائي ۽ ٻين اقليتن کي سنگين ۽ کليل امتيازي سلوڪ درپيش آهي. ڀ??رت اندر اسلامو فوبيا ۾ خوفناڪ اضافو بي جي پي ۽ آر ايس ايس حڪومت جي هندو پرست ايجنڊا جي انڌي تقليد ۽ اسلام مخالف ۽ مسلم مخالف بيان بازي جي واضح حمايت جو نتيجو آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڀ??رت ۾ اڄ ڪا به اقليت محفوظ ناهي.
گڏيل قومون: ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي جديد دور جي نوآبادياتي نظام جو بدترين مظهر قرار ڏيڻ تي پاڪستان ۽ ڀارت جي نمائندن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری