لنڊن -14 جون (اي پي پي) انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽ?? انٽر نيشنل چيو آهي، ته گذريل مهيني غزه تي ڪيل اسرائيل?? حملا ڏوهن جي ذمري ۾ اچي سگهن ٿا، تنظيم چيو آهي، ته فلسطينين خ??اف راڪيٽ فائر ڪرڻ جي الزامن جي به تحقيقات ٿيڻ گهرجي، سعودي عرب جي ميڊيا مطابق لنڊن ۾ قائم انساني حقن جي گروپ الزام لڳايو آهي، ته اسرائيل?? حملا فوجي ضرورت بنا شهري آبادي خلاف اجتماعي سزا جي هڪ صورت برابر آهن. ايمنسٽ?? انٽرنيشنل جو چوڻ اهي ته اسرائيل جي فوج جي ڪارروائين ۾ 2943 رهائشي يونٽن کي نقصان پهتو جن ۾ 103 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿيا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل بظاهر طاقت جو اڻبرابري جو استعمال ڪندي هوائ?? حملا ڪيا جنهن ۾ ٻارن سميت فلسطيني شهري شهيد ۽ زخم?? ٿيا، اهو هڪ جنگي ڏوهه آهي. ايمنسٽ?? انٽرنيشنل جي وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا جي ريجنل ڊائريڪٽر چيو آهي، ته اسرائيل طرفان فلسطينين خ??اف بار بار ڪيل جنگي ڏوهه ۽ غزا پٽي تي 16 سالن کان غيرقانوني ناڪابندي سبب وڌيڪ ڀڃڪڙين جي حوصلا افزائي ٿئ?? ٿي ۽ ناانصافين کي هتي مل?? ٿي. فلسطيني تنظيم جهاد اسلامي جي ترجمان ايمنسٽي ج?? ان رپورٽ جي آجيان ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان اسرائيل جي فلسطيني عوام خلاف ڏوهن تي پنهنجو دفاع ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون. واضح رهي ته اسرائيل، آمريڪا ۽ يورپي يونين جهاد اسلامي کي دهشتگرد گروپ قرار ڏئي رکيو آهي.
غزه تي اسرائيلي هوائي حملن ۾ ٻارن سميت فلسطينين جي شهادت جنگي ڏوهه آهي: ايمنسٽي انٽرنيشنل
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب