اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي سالياني ترقياتي اسڪيمن جي معاملن ۽ بجيٽ تياري کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ منظوري بابت معام??ن جو پڻ جائزو ورتو ويو. ڪابينا پاڪ چين ايف ٽي اي تحت خصوصي فورس جي تربيت جي معاهدي، انٽيليڪچوئل پراپرٽي ٽربيونل جي پرزائيڊنگ آفيسر جي مقرري، وفاقي ڪابينا جي ان لينڊ روينيو اپيليٽ ٽربيونل جي چيئرمين جي مقرري ۽ ليگل پريڪٽيشنر ۽ بار ڪائونسل ايڪٽ 1973ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس دوائن جي لائيسنس، رجسٽريشن، تشهير ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ايڊمنسٽريشن آف پراپرٽي رولز ۾ تجويز ڪيل ترميمن بابت قانوني معام??ن جي حوالي ??ان ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جي توثيق ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا