ڊيووس – 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان سوئٽزر لينڊ جي شهر ڊيووس ۾ عالمي ا??تصادي فورم جي موقعي تي ميڊ ٽرانڪ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر عمر ??شر??ق گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي، قومي صحت ۽ خدمتن واري وزير سائره افضل تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص مددگار علي جهانگير صديقي ۽ ٻيا سينئر حڪومتي ا??لڪار به ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم ميڊ ٽرانڪ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر کي وزيراعظم صحت پروگرام ۽ پوري ملڪ ۾ حفاظي ٽڪن جي ڪوريج ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو، هن صحت جي جامع س??ول??ن جي فراهمي جي ڏس ۾ ميڊ ٽرانڪ کي پاڪستان ۾ تربيتي ?? تعليمي مرڪز کولڻ ۽ پاڪستاني اسپتالن سان حصيداري جي دعوت ڏني.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا