گڏيل قومون – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته دنيا کي سيڪيورٽي سميت مختلف چ??يلنجز درپيش آهن، ڪشميرين کي خودمختياري جي حق کان محروم رکيو پيو وڃي، بد??سمتي سان گڏيل قومن جي چارٽر تي عملدرآمد ناهي ٿيو، پاڪستان کي اوڀرندي سرحد وٽان سدائين خطرو رهيو آهي، روهنگيا مسلمانن سان زيادتي ٿي رهي آهي، پاڪستان ڀارت سان سمورن پراڻن تڪرارن جي حل لاءِ ٺوس ڳالهين جو خواهشمند آهي، افغانستان ۾ گذريل 16 سالن کان جاري جنگ ج?? واحد حل ڳالهيون آهن، طالبان جا محفوظ ٺڪاڻا پاڪستان نه افغانستان ۾ آهن، دهشتگردي ختم ڪرڻ جي لاءِ ان جا سبب ختم ڪرڻا پوندا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 72 هي?? اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته هو ميڪسيڪو ۾ زلزلي سبب جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته دنيا کي سيڪيورٽي سميت مختلف چ??لينجز درپيش آهن.
دنيا کي سيڪيورٽي سميت ٻيا چئيلنجز درپيش آهن: وزيراعظم جو گڏيل قومن کي خطاب
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری