اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته اڄ سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف پاران داخل ڪيل درخواست ۾ ڪا نئين ڳالهه نه آه??، هي سمورا اهي الزام آهن جيڪي گذريل 20، 25 سالن کان بار بار ورجايا ويا ۽ غلط ثابت ٿيندا رهيا، ڪنهن ب?? الزام جو تعلق نواز شريف جي حڪومتي دور جي ڪنهن به منصوبي سان نه آهي پر سندس نجي ڪاروبار سان آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته محمد نواز شريف ٽي ڀيرا وزيراعظم بڻيو آهي ۽ هن پنهنجي حڪومت جي دور ۾ اربين ڊالر جي تعمير ۽ ترقي جا منصوبا مڪمل ڪيا. عمران خان جيڪو سندس دشمني ۾ هر حد پار ڪري چڪو آهي اڄ به عدالت ۾ اهي الزام هڻي نه سگهيو جن جو تعلق سندس حڪومت جي دور جي ڪنهن منصوبي ۾ بدعنواني، غيرشفا??يت يا ڪڪ بيڪس سان هجي تنهن ڪري پي ٽي آءِ جي اڄ جي پٽيشن محمد نواز شريف جي وزيراع??م جي حيثيت سان امانت ۽ ديانت جو سرٽيفڪيٽ آهي.
تحريڪ انصاف جي درخواست ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج