تهران -20 مئي (اي پي پي ) اي??ان جو صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين اميرعبداللهيان هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن .ايران جي خابرو اداري تصديق ڪئي آهي ته صدر ۽ پرڏيهي وزير جنهن هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ها اهو هيلي ڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ان ۾ سوار سمورا مسا??ر فوت ٿي ويا آهن. اي??نسي موجب شهيد ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي آچر جي شام جو سرحدي عل??ئق?? قيز قلعه ۾ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان گڏ ڊيم جو افتتاح ڪرڻ بعد تبريز شهر طرف واپس وڃي رهيو هو ته اي??ان جي صوبي ۾ اوڀر آذربائيجان جي عل??ئق?? زرقان ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿي ويو جنهن ۾ هو پنهنجي ساٿين سميت فوت ٿي ويو آهي. حادثي جو شڪار ٿيل بدقسمت هيلي ڪاپٽر ۾ صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي سان گڏ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان، اوڀر آذربائيجان صوبي جو گونر مالڪ رحمتي، صدر مملت جي سيڪورٽي جٿي جي ڪمانڊر جنرل سيد مهد موسوي ۽ صدر جو ذاتي محافظ موجود هئا. اي??ان جي سرڪاري خابرو اي??نسي (آئي آر اين اي) موجب اي??اني صدر آمريڪي ساخت واري بيل 212 هيلي ڪاپٽر ۾ سوار هيو . رائٽرز هڪ اي??اني اهلڪار جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته حادثي ۾ صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان کي کڻي ويندڙ هيلي ڪاپٽر مڪمل طور تي سڙي ويو هيو .
ايراني صدر ابراهيم، پرڏيهي وزير ۽ ٻيا هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا