نيويارڪ-09 آڪٽوبر (اي پي پي) سلامتي ڪائونسل اسرائيل خلاف ??ارروائيءَ تي حماس جي مذمت جو آمريڪي مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي خابرو اداري جي رپ??رٽ مطابق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل بند ڪمري واري اجلاس ۾ آمريڪا سمورن 15 ميمبرن کان مطالبو ڪيو ته هو حماس طرفان اسرائيل خلاف دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪري پر ڪائونسل جي ميمبرن آمريڪي مطالبي تي ڪا فوري ڪارروائي نه ڪئي. آمريڪي نائب سفير رابرٽ ووڊ بعد ۾ صحافين کي ٻُڌايو ته ڪجهه ملڪ حماس جي حملي جي مذمت تي آماده هئا پر ڪائونسل جي سمورن ميمبرن ان سان اتفاق نه ڪيو. گڏيل قومن ۾ روس جي سفير ويسلي نيبنزيا چيو ته اسان شه??ين تي ٿيل سمورن حملن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته روس جو پيغام آهي ته هي ضروري آهي ته جهيڙي کي فوري طور روڪيو وڃي، جنگبندي ڪئي وڃي ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رڪاوٽ جو شڪار ڳالهيون ??يه?? شروع ڪيون وڃن. ان کان اڳ چيني سفير زانگ جون پڻ چيو ته سندس ملڪ شه??ين تي ٿيل حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو پر هن به حماس جو ذڪر نه ڪيو. چيني سفير چيو ته اهم ڳالهه هي آهي ته صورتحال کي وڌيڪ ڇِڪتاڻ کان روڪيو وڃي ۽ شه??ين جون وڌيڪ فوتگيون نه ٿين ۽ هي اهم آهي ته ڌُرين کي ٻه رياستي حل طرف واپس آڻڻو آهي.
سلامتي ڪائونسل اسرائيل خلاف ڪارروائيءَ تي حماس جي مذمت جو آمريڪي مطالبو رد ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔