لاهور – 11 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? چوڌري فواد حسين چيو آهي ته 11 ۽ 12 ربيع الاول تي وفاقي گادي واري شهر ۾ سيرت النبي صه ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ امام ڪعبه، گڏيل عرب امارات جي مفتي اعظم، مير واعظ عمر فاروق، الازهر يونيورسٽي جي مفتين سميت آمريڪا ۽ برطانيا سميت سڄي دنيا جا مفتي ۽ ديني عالم شرڪت ڪري پنهنجا مقالا پيش ڪندا. ڪانفرنس جو افتتاح وزيراعظم عمران خان ڪندو. ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب جو خصوصي مهمان صدر هوندو. وزي?? چوڌري فواد حسين وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان ملڪ جو طاقتور طبقو احتساب جي چنبي ۾ نٿ?? اچڻ چاهي، هن ڀيري رياست جو بي??ني?? تبديل ٿيو آهي ۽ آئين ۽ قانون جي حڪمراني سميت فڪري سوچ پاڪستان دشمن قوتن جي خلاف بيٺل هجڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هو ڪالهه آچر ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک