اسلام آباد – 24 اپريل (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل متفقه طور تي پاڪستان جي پهرين پاڻي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته وزيراعظم جي سربراهي ۾ قومي سطح تي اداري ق??مي واٽر ڪائونسل ذريعي پاليسي تي عملدرآمد ۽ نگراني ڪئي ويندي، وزيراعظم ۽ چئني وڏن وزيرن پاڪستان واٽر چارٽر تي صحيحون پڻ ڪيون. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو 37 هون اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پنج??ب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، وفاقي وزيرن ۽ سيني??ر عملدارن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں