ڪابل – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغا??ست??ن جي صدر اشرف غن?? جي دعوت تي پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير احسن اقبال، خيبرپختونخوا جي گورنر اقبال ظفر جهڳڙا ۽ قومي سلامتي واري صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه سان گڏ ڪابل جو دورو ڪيو، افغان صدر ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباس?? جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات کانپوءِ افغان صدارتي محل ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، هن افغا??ست??ن ۾ امن ۽ مصالحت، دهشتگرد?? جي خاتمي، افغان پناهگيرن ??ي واپسي، ٻه طرفي واپار ۽ علائقائي رابطن سميت پاڪ افغان لاڳاپن جي سمورن ??خن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته افغا??ست??ن پاڪستان ايڪشن پلان براءِ امن ۽ يڪجهتي گڏيل دلچسپ?? جي سمورن معاملن تي وسيع بنياد ۽ منظم رابطي جو مفيد فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو. هن امن ۽ يڪجهتي لاءِ پاڪ افغان ايڪشن پلان تحت پنج ورڪنگ گروپس کي فعال بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغا??ست??ن ۾ امن ۽ مصالحت جي افغان صدر اشرف غن?? جي ويزن ۽ طالبان کي امن ڳالهين جي سندس آڇ جي آجيان ڪئي.
وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغانستان جي صدر جي دعوت تي ڪابل جو دورو ڪيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں