گڏيل قومون-09 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته شام جو مستقبل شهري طئي ڪندا. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ش??م جي شهرين جي حقن جو تحفظ ڪندي ان حساس وقت ۾ پرسڪون رهڻ ۽ تشدد کان پاسو ڪرڻ جي اپيل جو ورجاءُ ڪندي چيو ته شام جي مستقبل جو فيصلو شامين جو معاملو آهي ۽ نون ادارن ۾ منظم سياسي ??نت??لي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻ باقي آهي. هن چيو ته بين الاقوامي قانون مطابق سمورن معاملن ۾ سفارتي ۽ قونصلر احاطي ۽ عملي جو احترام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسانکي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ بين الاقوامي برادري جي حمايت جي ضرورت هوندي ته ڪا به سياسي ??نت??لي جامع هجي ۽ اها شام جي عوام جي جائز خواهشن کي پورو ڪري. شام جي خودمختياري، اتحاد، آزادي ۽ علائقائي سالميت کي بحال ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان شام جي شهرين کي هڪ اه??ي ملڪ جي تعمير ۾ مدد ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون جتي مفاهمت، انصاف، آزادي ۽ خوشحالي سڀني لاءِ گڏيل حقيقتون هجن.
شام جو مستقبل شهري طئي ڪندا: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II