اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد نواز شريف ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رتوڇاڻ بند ڪري ۽ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ شفاف ۽ منصفاڻو ريفرنڊم ڪرڻ جي اجازت ڏي، ڀارتي گذريل 7 ڏهاڪن کان والاريل ڪشمير جي بهادر عوام کي خودمختياري جو حق ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي جنهن جو ع??لمي برادري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن ذريعي انهن سان واعدو ڪيو آهي، عالمي برادري ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جي خلاف ورزين، ڀارتي فور??ز پاران بيگناهه ڪشميرين تي ظلم جي خلاف آواز بلند ڪري ۽ ڄمون ڪشمير جي عوام سان 70 سال اڳ ڪيل واعدن کي عملي جامعو پارائي. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزير??عظ?? نواز شريف پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو ته پاڪستاني عوام ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي ۽ بنيادي انساني حق خاص طور تي خودمختياري جي حق لاءِ ڪشميري عوام جي جائز جدوجهد ۾ پنهنجي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جي عزم کي ورج??ئي ٿي.
ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رتوڇاڻ بند ڪري: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو