واشنگٽن-09 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪا ۾ چونڊن واري ڏينهن دهشتگرد حملي جي رٿابندي تي افغانستان سان تعلق رکندڙ هڪ شخص کي اوڪلاهوما رياست مان گرفتار ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪا جي انصاف واري کاتي افغانساتن جي ناصر احمد توحيدي نالي شهري تي فرد جرم لاڳو ڪندي چيو ته اهو شخص داعش جي نالي تي حملي جي رٿابندي ڪري رهيو هو . ناصر احمد توحيدي 2021ع ۾ خصوصي اميگرنٽ ويزه تي آمريڪا ۾ داخل ??يو ۽ اوڪلاهوما شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. اسپيشل اميگرنٽ ويزا پروگرام تي هڪ سال جي عرصي ۾ 50 ماڻهو داخل ٿي چڪا آهن جيڪي افغانستان يا عراق ۾ آمريڪي فوج يا چيف آف مشن ??حت ٽرانسليٽر طور ڪم ڪندا رهندا آهن. انصاف واري کاتي طرفان الزام ۾ اهو ناهي ٻڌايو ويو ته ناصر توحيدي افغانستان ۾ ٽرانسليٽر طور ڪم ڪري رهيو هو. افغان شخص تي الزام لڳايو ويو آهي ته هن گادي واري شهر ڊي سي جي ڪيمر??ئن تائين رسائي حاصل ڪرڻ ??اء?? آن ل??ئن انفارميشن ??ي ڳولا ڪئي خاص طورتي انهن رياستن جي حوالي سان جتي هٿيارن ??اء?? لائسنس جي ضرورت ناهي، لاڳاپيل شخص وائيٽ هائوس ۽ واشنگٽن مونيومينٽ جي ويب ڪيمر??ئن کي به آن ل??ئن چيڪ ڪيو، ناصر توحيدي سان گڏ سندس ننڍي عمر جو هڪ ٻيو شخص پڻ ملوث آهي جنهن کي سومر ڏينهن آمريڪي جاچ اداري ايف بي آئي جي هڪ ڳجهي ايجنٽ کان ٻه رائفلز خريد ڪرڻ جي ارادي سان ٿيل ملاقات بعد گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتاري بعد ناصر توحيدي اعتراف ڪيو آهي ته هو آمريڪا ۾ اليڪشن واري ڏهاڙي هڪ وڏي ميڙ ۾ حملي جي رٿابندي ڪري رهيو هو.
آمريڪا ۾ چونڊن واري ڏينهن دهشتگرد حملي جي رٿابندي ڪرڻ تي افغان شهري گرفتار
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات