بيجنگ-27 مارچ (اي پي پي)چين خيبرپختونخواهه ۾ داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي ان وا??عي جي جلد تحقيقات جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چين – پاڪستان سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پ??ڪستان ۾ داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي دهشتگرد حملي تي اربع ڏينهن تبصرو ڪندي چيو آهي ته چين ان دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ پاڪستان کان ان وا??عي جي جلد کان جلد تحقيقات مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ترجمان چيو ته 26 مارچ تي ڪي پي ڪي صوبي ?? چيني ڪمپني جي داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي دهشتگرد حملي ۾ 5 چيني ۽ هڪ پاڪستاني شهري فوت ٿيا. هن سوڳوار ڪٽنب سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته اسان جي خواهش آهي ته پاڪستان ?? چيني شهرين، منصوبن ۽ ا??ارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. چين پ??ڪستان سان هر ممڪن ڪوشش سان فالواپ آپريشن تي ڪم ڪري رهيو آهي. ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان ?? چين جي سفارتخاني چيني شهرين ۽ پاڪستان ۾ ڪاروباري ادارن کي سيڪيورٽي صورتحال تي ويجهي رکڻ، حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ دهشتگرد حملن خلاف اضافي حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان سدار بهار اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل شراڪتدار ۽ مضبوط دوست آهن ۽ چين پ??ڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته چين پ??ڪستان سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي ڪا به ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. هن چيو ته چين هر قسم جي دهشتگردي جي مخالفت ڪري ٿو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته چين پ??ڪستان ?? چيني شهرين، منصوبن ۽ ا??ارن جي مڪمل تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان سان وڌيڪ مضبوطي سان ڪم ڪندو.
چين – پاڪستان سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي: چين جي پرڏيهي وزارت پاران داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي ٿيل حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ