گڏيل قومون-06 مارچ (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم فلسطين پناهگيرن جي مدد ڪندڙ گڏيل قومن جي اي??نسي (يو اين آر ڊبليو اي) جو ڀرپور دفاع ڪندي چيو آهي ته اسرائيل طرفان ان کي ختم ڪ??ڻ جي مهم باوجود ڪو ٻيو ادارو ان اهم اي??نسي جي جاءِ نٿو وٺي سگهي. پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي مستقل نمائندي منير اڪرم نيويارڪ ۾ او آءِ سي گروپ جي وقتي چيئرمين جي حيثيت سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب دوران چيو ته اسان گذريل 75 سالن ۾ فلسطين پناهگيرن لاءِ اهم لائيف لائن طور يو اين آر ڊبليو اي جي ڪردار کي سلام پيش ڪريون ٿا. 193 ميمبرن تي ٻڌل جنرل اسيمبلي جو اجلاس وچ اوڀر ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس اي??نسي بابت بريفنگ لاءِ منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ اسرائيل، آمريڪا ۽ ڪجهه ٻين او??هن??ي ملڪن طرفان ان الزام ته ان اداري جي عملي جي 12 ميمبرن 7 آڪٽوبر جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي پاڪستان جي نمائندي منير اڪرم او آءِ سي جي نمائندگي ڪندي گڏيل قومن جي اداري يو اين آر ڊبليو اي کي فنڊن جي فراهمي معطل ڪ??ڻ جي آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي فيصلي تي سخت افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان قسم جي قدمن تي فوري ط??ر تي نظرثاني ڪرڻ ۽ فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. منير اڪرم يو اين آر ڊبليو اي جي ڪمشنر جنرل فلپ لازا ريني جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ تي تعريف ڪئي. جڏهن ته هن غزه جي پريشان آبادي کي خدمتون ۽ رليف فراهم ڪرڻ ۾ يو اين آر ڊبليو اي جي اهم ڪردار جي پڻ تعريف ڪئي. پاڪستان جي نمائنده غزه ۾ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيل فلسطينين تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪندي فلسطيني عوام جي صورتحال تي روشني وڌي ۽ هنگامي ط??ر تي انساني امداد جو مطالبو ڪيو.
گڏيل قومن ۾ او آءِ سي گروپ پاران يو اين آر ڊبليو اي جي فنڊنگ بحال ڪرڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ