اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان آهن، ٻنهي ملڪن کي گڏيل ??ائ??ي لاءِ ڪاروباري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، پولينڊ جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ بهتر سيڪيورٽي ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. هو پاڪستان ۾ پولينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير پيوتراوپالنسڪي سان ڳالهائي رهيو جنهن هتي ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. صدر چي?? ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، ٻنهيم لڪن کي گڏيل ??ائ??ي لاءِ ڪاروبار ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، صدر چي?? ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا زبردست موقعا موجود آهن، پولينڊ جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ بهتر سيڪيورٽي ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چي?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي تعاون مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻئي ملڪ قومي ورثي جي تحفظ، بحالي جي گڏيل منصوبن، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن جي ذريعي لاڳاپا وڌائي سگهن ٿا. صدر چي?? ته پولينڊ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگرد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر پولش آئل اينڊ گئس ڪمپني جي پاڪستان ۾ ڪاورباري سرگرميون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي پولينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي پولينڊ جي سفير حڪومت پاڪستان جي پاليسين کي ساراهيندي چي?? ته پاڪستان حيرت انگيز طور تي ترقي ڪري رهيو آهي، نوجوانن کي پاڪستان ۾ اڀرندڙ معاشي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي.
پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania