اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و آهي ته ملڪ دشمن عنصر پاڪ فوج کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ پروپئگنڊه ڪري رهيا آهن، فوج نه هجي ها ته پاڪستان جو حال به عراق، افغانستان، يمن ۽ شام سميت ٻين مسلمان ملڪن وانگر هجي ها، اڳوڻين حڪومت?? عوام جي ڏنل مينڊيٽ سان کليل بدديانتي ڪئي، ادارن ۾ پنهنجي پسند جي ماڻهن کي ويهاري اهڙو نيٽ ورڪ ??اه??و جيڪو بدعنوانين ۾ انهن جي لاءِ سهولتڪاري ڪندو هو، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ بدرا?? اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اڳتي وٺي ويا. پي ٽي وي جي پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته جنهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ ان جي سڄي فيملي ڪاروبار ڪندي هجي اهو ڪيئن ترقي ڪري سگهي ٿو، اڳوڻين حڪومتن تعليم ۽ صحت جي شعبن سميت عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪو ڪم نه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : راکی