اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) قوم 74 هون آزادي جو ڏهاڙو اڄ جمعي ڏينهن ان عزم سان ملهائيندي ته باباءِ قوم جي فڪر ۽ مصور پاڪستان جي خو??بن جي تعبير پاڪستان کي دنيا جي نقشي تي هڪ باوقار ۽ قائداڻو ڪردار رکندڙ عظيم کان عظيم تر ملڪ بڻائينداسين، ڏينهن جي شروعات مسجدن ۾ پاڪستان جي استحڪام ۽ ترقي ۽ خو??حالي جي لاءِ خاص دعائن سان گڏ ڪيو ويندو. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن شهر ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني ويندي. سڄي ملڪ ۾ سرڪاري عمارتن تي روشنيون ٻاريون وي??دي??ن، گهرن تي پاڪستان جو سبز هلالي جهنڊا ڦرڪايا ويا آهن ۽ گهٽين ۽ بازارن کي سجايو ويو آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ خو??صورت برقي روشنين ڊي چوڪ جي رونق وڌائي ڇڏي آهي. مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب ٿيندي جڏهن ته اهم حڪومتي شخصيتون گلن جون چادر چاڙهي??دي??ن. مختلف ادارن ۾ تقريبن ۾ ملي نغما ۽ قيام پاڪستان جي جدوجهد جي حوالي سان خاص روشني وڌي ويندي. اخبارن ۾ خاص ايڊيشن ۽ ٽيليويزن چينلز تي خصوصي نشريات ٿي??دي??ن. ان ڏينهن جي مناسبت سان صدر، وزيراعظم ۽ اهم حڪومتي ۽ سياسي قيادت جا خاص پيغام جاري ٿيندا. ان ڏينهن ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي روح روان حريت اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني کي نشان پاڪستان ڏنو ويندو. ان کانسواءِ به نمايان خدمتن تي عسڪري ۽ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙن کي ايوارڊ ڏنا ويندا. جمعي جي نماز جي ميڙن ۾ پڻ ملڪ جي سلامتي ۽ خو??حالي جي لاءِ خاص دعائون گهريون وي??دي??ن. ڪشمير جي آزادي جي لاءِ پڻ خاص دعائون ڪيون وي??دي??ن.
قوم 74 هون آزادي جو ڏهاڙو اڄ جمعي ڏينهن ڀرپور عزم سان ملهائيندي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر