اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ايندڙ مالي سال 2019ع جي 7036 ارب روپين جي ماپي واري وفاقي بجيٽ منظور ڪري ورتي آه??، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرم لاءِ 701 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آه?? جڏهن ته 250ا رب روپيا متبال ذريعن سان فنانسنگ جي مد ۾ رکيا ويا آه??، ايندڙ مالي سال لاءِ بجيٽ خسارو 3151 ارب روپيا هوندو، جنهن کي ٽيڪس سڌارن وسيلي پورو ڪيو ويندو، ايندڙ مالي سال جي لاءِ ٽيڪس روينيو جو هدف 5500 ارب روپيا مخصوص ڪيو ويو آه??،گريڊ هڪ کان 16 تائين جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف جڏهن ته گريڊ 17 کان 20 تائين جي ملازمن کي 5 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف ڏنو ويو آه??، گهٽ کان گهٽ اجرت وڌائي 17500 روپيا ڪئي وئي آه??، پگهاردار طبقي لاءِ 6 لک روپيا ساليانو ۽ غير پگهاردار طبقي لاءِ 4 لک کان وڌيڪ ساليانو تي انڪم ٽيڪس لاڳو هوندو، سول حڪومت جا خرچ 460 ارب مان گهٽ ڪري 437 ارب روپيا ڪيا ويا آه??، فوجي بجيٽ ۾ اضافو ناهي ڪيو ويو ۽ اها 1153 ارب روپين تي برق??ار رهندي.
قومي اسيمبلي پاران مالي سال 2019ع جي 7036 ارب روپين جي وفاقي بجيٽ منظور
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا