رياض – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نئين پاڪستان جو مطلب پاڪستان کي اسلامي فلاحي ۽ جمهوري رياست بڻائڻ آهي، ملڪ ۾ سيڙ??ڪا??ي کي فروغ ڏيڻ، مالياتي خسارو، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهيا آهيون، بدعنواني جو خاتمو پهرين ترجيح آهي، پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت امن ۽ استحڪام جي آهي، ڀارت سميت پاڙيسري ملڪن سان امن جا خواهشمند آهيون، معدنيات، هائوسنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙ??ڪا??ي جا وسيع امڪان موجود آهن، ٻاهرين سيڙ??ڪا??ن کي ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، سمنڊ پار پاڪستانين کي قانوني ذريعن سان مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ جي لاءِ متوجهه ڪيو پيو وڃي. هو سعودي عرب جي گا??ي واري شهر رياض ۾ ”مستقبل ۾ سيڙ??ڪا??ي جا موقعا“ جي عنوان سان ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي سوالن جوابن جي ويهڪ ۾ ڳالهائي رهيو هو.
نئين پاڪستان جو مطلب ملڪ کي اسلامي ۽ جمهوري رياست بڻائڻ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا