اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته موجوده ٽيڪس شرح ۾ ڪو اضافو نه ڪيو ويندو، سمورن ادار?? جي سربراهن جون مقرريون ميرٽ تي ڪنداسين، ايندڙ 6 مهينن اندر عوام کي تبديلي ۽ به??ري نظر ايندي، ايل اي?? جي معاهدن سميت جنهن به معاهدا ڪيا سڀ عوام آڏو آڻينداسين، سوئس بئنڪن ۾ موجود 200 ار?? ڊالرز جي معاملي جي جاچ ڪئي ويندي، قوم جو جيترو پئسو ٻاهرئين ملڪ پيو آهي، اسان کي هر حال ۾ واپس آڻڻو آهي، بدعنواني جي خاتمي جي حوالي سان پنهنجي منشور موجب ڪم ڪنداسين. هن اها ڳالهه نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته معيشت جي موجوده صورتحال جي ڪري ٿي سگهي ٿو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوي. هن چيو ته قوم جي ٽيڪس جي پئسي بابت حڪومت جوابده هوندي آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو