امرتسر – 04 ڊسمبر (اي پ?? پي) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائوندري تي ڀارتي اڳرائي باوجود هارٽ آف ا??شي?? ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي شرڪت افغانستان ۾ جٽادار امن لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار آهي، افغانستان جي مسئلي جو فوجي ناهي، اهو مسئلو افغان عو??م جي خواهشن مطابق ڳالهين س??ن نبيريو وڃي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عو??م افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ افغان عو??م ۽ حڪومت سان گڏ آهي، سارڪ سربراهه ڪانفرنس جو ملتوي ٿيڻ علائقائي سهڪار جي ڪوششن لاءِ ڌچڪو آهي. افغانستان ۾ امن ۽ ترقي جي حوالي سان ڇهين هارٽ آف ا??شي?? ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته هارٽ آف ا??شي?? ڪانفرنس ۾ شرڪت اعزاز جي ڳالهه آهي، ڇڪتاڻ باوجود شرڪت خطي ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار آهي. افغانستان کي پاڪستان رستي واپاري سهولتون ڏيڻ لاءِ اسن پر عزم آهيون، پاڪستان گذريل 30 سالن کان لکين پناهگيرن جي مهم??ن نوازي ڪئي آهي، گڏيل قومن جي اداري سان گ??جي افغان پناهگيرن جي با عزت پنهجي ملڪ واپسي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.
ڪانفرنس ۾ شرڪت افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار آهي: سرتاج عزيز
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب