اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب ۾ ڪاميابي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي جيڪا آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي. هن اها ڳال??ه ايوان صدر ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر ظفر اقبال جهڳڙا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. صدر چيو ته حڪومت جاري ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ ۽ م??ڻهن جي معيار زندگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سماجي ۽ اقتصادي ضرورتن جي فراهمي سان گڏوگڏ وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن کي ملڪ جي ٻ??ن ترقي يافته علائقن جي برابر آڻڻ جو عزم ڪيو آهي. صدر عارضي طور تي بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي وقت سر واپسي ۽ بحالي جي لاءِ حڪومتي عزم جو اظه??ر ڪيو ۽ چيو ته نقصان ۾ ويندڙ انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ڪئي ويندي ۽ خطي ۾ معمول جي زندگي بحال ڪرڻ جي لاءِ اقتصادي مراعتون ڏنيون وينديون.
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا