تهران -27 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان مسلمان ملڪن تي زور ڀريو آهي، ته اهي اسرائيل جي غزه ۾ ڏوهن ۽ نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ گڏيل قدم کڻن. ميڊيا مطا??ق سندس آفيس مان جاري هڪ بيان مطابق هن اها اپيل ايران جي دوري تي آيل قط?? جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ڳالهين دوران ڪئي. مسعود پيز شڪيان چيو ته مسلمان رياستون ?? اهي سمورا ملڪ جيڪي عالمي قانون ?? فريم ورڪ جا پابند آهن، انهن کي اسرائيل جي حامين کي لغام ڏين??ي غزه ۾ جاري اسرائيل جي بدترين ڏوهن ۽ نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ گهرجن. غزه ۾ جنگ بندي لاءِ قط?? جي ڪوششن کي ساراهيندي هن چيو ته جيئن ته غزه م سمورن عالمي قانونن ۽ ضابطن جون لاڳيتو ڀڃڪڙيون جاري آهن، پر انساني حقن جي وڪالت ڪرڻ جي دعويٰ ڪندر ملڪ به اسرائيلي جارحيت تي خاموش آهن.
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ