رياض-17 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب ??ي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي ته هن سال حج لاءِ اندرون ملڪ ۽ پرڏيهه مان ايندڙ حج جا خواهشمند ويڪسينيشن جو ڪورس مڪمل ڪرائين .اردو نيوز م??جب وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حج جي خواهشمندن لاءِ ضروري آهي ته صحت ايپ تي ويڪسينيشن سرٽيفيڪٽ کي اپ ڊيٽ رکن جنهن ۾ ڪووڊ – 19 ايڊوانس جو هڪ ڊوز جڏهن ته انفلوئنزا ويڪسين ۽ گذريل 5 سا??ن ??وران لڳل گردن ٽوڙ بخار جي ويڪسين جو اپ ڊيٽ ٿيل سرٽيفيڪيٽ هجڻ ضروري آهي. وزارت پرڏيهي مملڪت مان آيل حج جي خواهشمندن کي به هد??يت ڪئي ته هو ويڪسينيش سرٽيفيڪيٽ جو خيال رکن ۽ حج درخواست سان گڏ جمع ڪرائين. صحت واري وزارت پنهنجي ويب سائيٽ تي معلوماتي لنڪ به جاري ڪيو آهي جنهن ۾ اردو، انگلش ۽ ٻين ٻولين ۾ ضروري ويڪسينيشن جا سمورا تفصيل ۽ صحت جي معام??ن ??ي حوالي سان ٻيون هدايتون وضاحت سان بيان ڪيون ويون آهن .
حج جا خواهشمند ويڪسينيشن ڪورس مڪمل ڪرائين: سعودي عرب جي حج واري وزارت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی