غزه – 14 مارچ (اي پي پي) غزه جي ڏکڻ واري علائقي رفح ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري جي غذائي امداد جي فراهمي واري مرڪز تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ عملي جو هڪ ڪارڪن مارجي ۽ 22 ٻيا زخمي ٿي پيا. بي بي سي مطابق يو اين آر ڊبليو اي جي سربراهه فلپ لازاريني چيو آه?? ته اداري جي ٺڪاڻن تي اسرائيلي حملا معمول بڻجي چڪا آهن هن چيو ته اهي حملا بين الاقوامي انساني قانون جي ڀڃڪڙي آهن. غزه ۾ صحت واري وزارت جي اختيارين چيو آه?? ته يو اين آر ڊبليو اي جي مرڪز تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ پنج ڄڻا مارجي ويا. يو اين آر ڊبليو اي جي ترجمان جوليٽ ٽوما ٻڌايو ته خيال ڪيو پيو وڃ?? ته 60 ماڻهو ان مرڪز ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، جي??و خوراڪ ۽ ٻئي ضروري سامان جي گودام طور پ?? استعمال ڪيو ويندو آهي.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia