بيروت-28 سيپٽمبر (اي پي پي) لبنان جي گادي واري شهر بيروت ۾ درجنين فلسطيني پناهگيرن هالينڊ جي سفارتخاني سامهون احتجاجي ڌرڻو هنيو جنهن ۾ فلسطيني اڳواڻ امين ابو راشد جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو، جيڪو تقريبن 3 مهينن کان هالينڊ ۾ حراست هيٺ آهي. مظاهرين لبنان ۾ ڊچ ??فير کي ابو راشد جي امداد مان فائدو کڻندڙ خاندانن طرفان هڪ يادداشت پيش ڪئي جنهن ۾ سندس آزادي جو مطالبو ڪيو ويو. ڊچ ??يڪيورٽي عملدارن گذريل جون ۾ ابو راشد کي گرفتار ڪيو هو ۽ ان تي سلامي تحريڪ مزاحمت حماس سان جڙيل تنظيمن کي رقم موڪلڻ جو الزام لڳايو ويو هو، ڊچ ??ملدارن ٻڌايو ته هن پنهنجي ڌيءَ جي مدد سان حماس کي 5.5 ملين يورو منتقل ڪيا، جنهن کي ڪيس جي ٻڌڻي تائين آزاد ڪيو ويو، واضح رهي ته ڊچ ??ملدارن ابو راشد کي بنا ڪنهن ڪيس جي 3 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان حراست ۾ رک??و آهي.
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک