اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشتگردي جي مسئلي تي سياست نه ڪئي وڃي، دهشتگردي جو واقعو پاڪستان جي ڪنهن به شهر يا صو??ي ۾ هجي اسان جي ل??ءِ ۽ وزيراعظم جي ل??ءِ اهو دهشتگردي جو واقعو آهي، ان مسئلي تي سڀني کي متحد ۽ هڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چي?? ته دهشتگردي جي مسئلي تي سياست نه ڪئي وڃي، ان مسئلي تي سڀني کي متحد ۽ هڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي، جيستائين ه?? به دهشتگرد موجود آهي هي جنگ جاري رهندي، دهشتگردي خلاف قوم جون قربانيون رائيگان نه وينديون.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری