نيويارڪ -24 سيپٽمبر (اي پي پي ) يورپي يونين چيو آهي ته لبنان ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دنيا کي مڪمل جنگ جي حالت طرف ??ڪي رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل لبنان ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي انتهائي خطرناڪ ۽ مڪمل جنگ جي ويجهو قرار ??نو آهي. يورپي يونين جي اعلى سفارتڪار نيويارڪ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ لبنان ۾ حملن جي وڌندڙ شدت ۽ فوتين جي انگ ۾ واڌ طرف اشارو ڪندي چيو آهي ته اها صورتحال انتهائي خطرناڪ ۽ ڳڻتي جوڳي آهي. مان چئي سگهان ٿو ته دنيا هڪ مڪمل جنگ طرف وڃي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری