اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته فعال حڪمت عملي اختيار ڪندي مسئلا ڪيا وڃن ت?? جيئن پ??ڪس??ان سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪري راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽ??ڪٽ جهڙن انهن جديد ۽ پائيدار ريئل اسٽيٽ منصوبن مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگهي.
??زي??اعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ??زي??اعظم راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي (روڊا) ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽ??ڪٽ (سي بي ڊي)، والٽن بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪئي. روڊا جي مختلف منصوبن ۾ شمسي توانائي سان هلندڙ قابل تجديد بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽ لڳائڻ، خصوصي اقتصادي زونز ۽ خصوصي ٽيڪنالجي زونز جو قيام، فيري آپريشنز جو آغاز، ناليج پارڪ ۽ رک جهک فارمز جو قيام شامل آهن. اهي سمورا منصوبا پنهنجي مالي ضرورتن جي حوالي سان خودمختيار هوندا ته جيئن انهن جي پائيداري کي يقيني بڻائي سگهجي،
??زي??اعظم کي آءِ ايم جي دبئي ٿيم پارڪ جي سهڪار سان پ??ڪس??ان جو سڀ کان وڏو ٿيم پارڪ بڻائڻ جي منصوبي تي به بريفنگ ڏني وئي. راوي ريور فرنٽ تي 2000 ڪينال زمين ت?? ٺهندڙ اهو منصوبو (آر يو ڊي اي) سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ مهيني شروع ٿيندڙ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪندو. ??زي??اعظم ملڪ جي سمارٽ، خود ڪفيل، صاف سٿري ۽ سبز گهرن ۽ ڪاروباري منصوبن جي فروغ جي لاءِ آر يو ڊي اي ۽ سي بي ڊي جي اهميت تي زور ڏنو،
??زي??اعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو هڪ فعال حڪمت عملي اختيار ڪندي مسئلن کي حل ڪن ت?? جيئن پ??ڪس??ان سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجه ڪري ان جديد ۽ پائيدار ريئل اسٽيٽ منصوبن مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگهي.