اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ٽيليفو?? تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ موجوده ويجهن ڀائراڻن لاڳاپ?? تي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ گهڻ رخي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي. هنن ڪوويڊ 19 ۽ گڏيل د??چسپي جي علائقائي ۽ عالمي ايشوز تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم ??مر??ن خان ۽ شيخ محمد بن زيد النهيان ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضافي جي لاءِ ويجهي طور تي ڪم ڪرڻ ۽ گهڻ رخي ادارن ۾ تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز