پشاور – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن لاءِ مددگار ٽيڪنالاجي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته حڪومت خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ معاشري ۾ انهن جي شرڪت وڌائڻ لاء?? پرعزم آهي، پيشيوراڻ?? تربيت ۽ هنرمندي جي تعليم ڏئ?? خصوصي ماڻهن کي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئ?? رهي آهي. خصوصي ماڻهن جي حق ايڪٽ 2020ع سان کين قوم?? ترقي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هو گورنر هائوس پشاور ۾ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ صحت واري خصوصي مددگار ڊا??ٽر فيصل سلطان، خيبرپختونخوا جي گورنر، صحت واري عالمي اداري جي نمائندن ۽ خصوصي ماڻهن شرڪت ڪئي. صدر کي خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ پاڪستان ۾ معذوري جي اڀرندڙ صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان يونيورسل هيلٿ ڪوريج جو گهٽ لاڳت وارو موثر پيڪيج تيار ڪندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي. صدر چيو ته معذور ماڻهن جي بحالي ۽ موذي مرضن کان بچاءُ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت آهي?? هن چيو ته خصوصي ماڻهن لاءِ مددگار ٽيڪنالاجي عالمي، علائقائي ۽ رياستي سطح تي مقبول ٿي رهي آهي، حڪومت خصوصي ماڻهن کي ٽيڪينڪل، ووڪيشنل ۽ هنرمندي جي تعليم ڏئ?? معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئ?? رهي آهي، صدر عارف علوي چيو ته وزيراعظم عمران خان خصوصي ماڻهن لاءِ 2000 روپيا ماهوار وظيفو ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي، خصوصي ماڻهن جي حق ايڪٽ 2020ع سان خصوصي ماڻهن کي قوم?? ترقي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
حڪومت خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ معاشري ۾ انهن جي شرڪت وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ