اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ملڪ جي مختلف حصن ۾ صحافين ۽ صحافتي ادارن جي توهين جي سخت مذ??ت ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي هدايتن تي پاڪستان اندر صحافت جي آزادي سان گڏوگڏ صحافين جا حق متاثر نه ٿيڻ ڏينداسين، صحافين ۽ صحافتي ادارن جي سيڪيورٽي ۽ سيفٽي جي لاءِ اطلاعات واري وزارت هر ممڪن صلاحيتون استعمال ۾ آڻي رهي آ??ي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران پي ايف يو جي جي اهتمام هيٺ آزادي صحافت ريلي کي خطاب ڪري رهي هئي. پي ايف يو جي جو صدر افضل بٽ، نيشنل پريس ڪلب جو صدر شڪيل انجم، ٻين صحافتي گروپن جا اڳواڻ ۽ سوين صحافي ان موقع?? تي موجود هئا. صحافي برادري پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ جي قيادت ۾ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد کان ريلي ڪڍي، مملڪتي وزير مريم اورنگزيب خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪنهن به صحافي جو مطالبو منهنجو مطالبو آهي، هر جائز مطالب?? تي آئون صحافين سان گڏ بيٺل هوندي آ??يان ۽ بيٺل رهن??يس.
صحافت جي آزادي ۽ صحافين جا حق متاثر نه ٿيڻ ڏينداسين: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں