ڪويت سٽي – 06 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ايندڙ چونڊون ڪير کٽيندو ان جي خب?? الله کي آهي، اسان دهشتگردي جي خاتمي طرف و??ي رهيا آهيون، هاڻي جڏهن به دهشتگردي سر کڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ان کي ڪچليو وڃي ٿو. پاڪست??ني برادري کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي طرف و??ي رهيو آهي، جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته بجلي، دهشتگردي ۽ معيشت جهڙا چئلينجز درپيش هئا، هن چيو ت 26 سال اڳ ڪويت آيو هئس ۽ اسان ڀرپور طريقي سان ڪويت جو ساٿ ڏنو هو ۽ الله تعاليٰ اسان جي فيصلي کي سرخرو ڪيو ۽ ڪويت آزاد ٿي ويو. هن چيو ته آئون مرحوم ڪويتي امير سان ملڻ طائف ويس.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر