اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته هندي سمنڊ ۾ ايٽمي هٿيارن جي تنصيب ۽ عسڪري سرگرمين سان علائقائي ا??ن ۽ استحڪام کي سنگين خطرا لاحق آهن، اسان پنهنجي قومي مفادن کان پوري ريت آگاهه ۽ وڌندڙ ميري ٽائيم سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکون ٿا، پاڪستان زمين ۽ سمنڊ ۾ پنهنجي مفادن ۽ دفاع جي غرض سان سامونڊي رستن کي کليو رکڻ لاءِ نمايان بحري موجودگي برقرار رکندو، پاڪستان بحر هند جو ٽيون اهم ملڪ آهي ۽ بحر هند خطي ۾ پرامن نيوي گيشن ۽ سلامتي سان پاڪستان جا مفاد لاڳاپيل آهن، حڪومت سمنڊ ۾ سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي، ڪالهه ڪراچي ۾ ستين ميري ٽائيم عالمي ڪانفرنس جي ا??تتاحي سيشن کي خطا?? ڪندي پرڏيهي صلاحڪار چيوته پوري خطي جي فائدي جي لاءِ بحر هند کي ا??ن ۽ خوشحالي جو مرڪز بنائڻ جي ضرورت آهي، بحر هند جي ا??ميت کي اجاگر ڪندي سرتاج عزيز چي?? ته بحر هند وچ ا??شيا، آفريقا ۽ آسٽريليا کي يورپ سان ملائي ٿو، هن چي?? ته بحر هند جو خطو سياسي ۽ معاشي لحاظ کان انتهائي ا??ميت اختيار ڪري چڪو آهي، هي نه رڳو وچ ا??شيائي، ڏکڻ ايشيا، آفريقا جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو آهي پر دنيا ۾ تيل ۽ گئس جي 30 سيڪڙو ذخيرا ان خطي ۾ موجود آهن، عالمي واپار جو وڏو حصو بحر هند کان ويندو آهي
هندي سمنڊ ۾ ايٽمي هٿيارن جي تنصيب ۽ عسڪري سرگرمين سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي سنگين خطرا لاحق آهن: سرتاج عزيز
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ